Preface
شاه جو رسالو رسالو شاه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو مهاڳ شاه عبداللّطيف کي اَڪثر سنڌِي، سنڌ جي شاعرن جو سرتاج ۽ سنڌ جو هڪ ناليرو درويش ڪري ٿا ليکين. پر سندس سچو درجو اُن کان گهڻو اُوچو آهِي. مان نڪي ڪو عالم آهيان، نڪِي ڪي روحاني راه ۾ ڪا وک کنيل اَٿَم. لوڪن سنئون، شاه صاحب جي رهڻيءَ ۽ چوڻيِءَ جي ڪڇ ٿوري ڄاڻ اَٿم. پر اِنهيءَ ٿوريءَ ڄاڻ بـ مونکي اِن نتيجي تي رسايو آهي تـ ش...