Preface

 

                                            شاه جو رسالو

رسالو  شاه  عبداللطيف  ڀٽائيءَ  جو

 

مهاڳ

شاه عبداللّطيف  کي  اَڪثر سنڌِي،  سنڌ  جي  شاعرن  جو  سرتاج  ۽  سنڌ  جو هڪ  ناليرو  درويش ڪري  ٿا  ليکين.   پر سندس  سچو درجو اُن  کان  گهڻو اُوچو آهِي.  مان  نڪي ڪو عالم  آهيان،  نڪِي ڪي روحاني  راه  ۾  ڪا  وک  کنيل  اَٿَم.  لوڪن  سنئون،  شاه  صاحب  جي  رهڻيءَ  ۽  چوڻيِءَ  جي ڪڇ  ٿوري ڄاڻ  اَٿم.   پر اِنهيءَ  ٿوريءَ  ڄاڻ  بـ  مونکي  اِن نتيجي  تي  رسايو  آهي  تـ  شاه عبداللطيف جي حقي جڳهـ اُتر پرديش جي ڪبير، راجسٿان جي ميرا ٻائي، مهاراشٽر جي رامداس ۽ تڪارام، بينگال جي چيتن ديو، آسام جي شنڪر ديو،  گجرات جي نرسي ميهتا جهڙن  نامِوَرُ سنت ـ ڪَوِيُن،  ڌڻيءَ  جي نماڻن  ڀڳتن ۽ درويشن جي قطار ۾ آهي.  ٻوليءَ  جي  لحاظ  کان  شايد اِنهن  مان  گھڻن  کان  اَڳرو  ئي آهي.   

شاه  صاحب  جي ڪلام  کي سنڌي ٽن  نمونن  ۾  ٿا ڪتب آڻين،  هرڪو   پنهنجي من جي گَھڙَت  پٽاندر.  ڪي عمر مارئي، سسئيِ پنهون،  سهڻي ميهار ۽  ليلا  چنيسر جا  بيت   پڙهي   سُڻي،  دنيوي  پيار جي  جذبن  کي اُٿاري، دل  بهلائين  ٿا.  پر ٻيا،  اِنهن بيتن  جي  سچيءَ  روحاني  معنيٰ  وسيلي،  پنهنجي من کي ڌيرج   ۽  سهارو  ٿا  ڏين ۽ آتمڪ واٽ  ڏي  وک  ٿا  وڌائين.  ڪي وري  شاه  جي  رسالي  کي، سنڌي  ٻوليءَ  جي  اُونهي  کاڻ  سمجھي، اُن کي سنڌي  ساهت  جو  بهترين   ڪتاب  ڪري  ليکين  ٿا.

اِها حقيقت آهي  تـ  شاه صاحب کي جوانيءَ  ۾  دنيوي عشق جي  چوٽ لڳي هئَي؛  پر ستت  ئي ڪن ساڌُن    جي  سنگت،  سندس  تتل هيِنئين ۽  منجهيل من کي  شانتي  ڏني،  ۽  سندس دل عشق حقيقيءَ  ڏي  موڙِي.  سو شاه  صاهب،  پنهنجي   رسالي   ۾،  سنڌ  جي  عاشقاڻين  لوڪ ۔ ڪهاڻين  کي آتمڪ  رنگ  چاڙهي،  پاڻ  سان  توڙي اَسان سان،  نـ  دنيوي  پريم  جيِ،  پر  سچِي  روحني  رهاڻ  ڪئي آهي.

جي  توُن  بَيتَ   ڀائيين،  سي آيَتوُن  آهِينِ.

شاه  جو رسالو بيشڪ  سنڌي  ٻوليءَ  جي  کاڻ آهي.   پر شاه  صاحب  سنڌيءَ  جي  ڄاڻ  ڦيلا ئڻ   لاءِ   پنهنجا  بيت  ڪو نـ  چيا.  شاه  ڪريم  بلڙيءَ   واري  جيان هنجي  ليکي بـ :

لوڪان  نحوُ  مرُف،  موُن  مُطالع  سپرين.

شاه  جي  رسالِي  جي  اُونهي  عميق ۾،  جيڪڏهن ڪو ٽوٻو ٽٻي  ڏيئِي   وڃي  ترو جھلي،  تـ  جيڪر اَڻميوُن سِپون  سوجھي   لهي.  من  جي هر مرض  جي  داروُءَ  سان   رسالي جا  بيت  ڀريا   پيا  آهن.  اِهي بيت،  ٿِڙڪندڙن  لاءِ  جَهلو آهن،  ٻڏند ڙن  لاءِ  تُرهو،  آنڌن لاءِ لٺ.  خود  سنسارِي  جيون  ۾  سوڀ  لاءِ   جيڪي  گڻ  گھرجن،  تن جي  سکيا  ور ور انهن بيتن  ۾  سمايل آهي.  روحاني  توڙي اَخلاقي ترقي،  ٻنهي لاءِ،  شاه جي رسالي جي  رهبري بي بها آهي.  آُو ِنٻلن کي  ٻل  ٿو  ڏئي،  ِنراسن  کي  آسرو،  هيِسِيَلَن  کي  همٿ.

ورهيـ  ٿيا  تـ  پنهنجي  دوست ۽ همراه،  سرڳواسي  ڄَيٺمل  پرسرام،  سان هڪ ڏينهن اَچي جيل جي زندگيءَ جون ڳالهيون  نڪتيون.  ٻنهي کي قيدخاني  جو  چڱو آزمودو هو.  پڇيومانس تـ ”جيل جي ڪوٺڙيءَ  ۾  دک سهندي،  ڌڻيءَ  اَڳيان  ڪهڙي  پرارٿنا  ڪندوهئين؟“ مون ڀانيو تـ  وراڻي  ڏيندو تـ ”سڄِيءَ گيتا جو  پاٺ ڪندو هوس.“  پر چيائين تـ ”مان تـ هڪ صوفياڻو بيت ۽ هڪ گيتا جو سلوڪ،  انهن مان ئي جيڪي کَتُم ٿي، سو پرائيندو هوس.“ ”ڪهڙو بيت؟“  چيائين:

 

نيرانائي نيڻَ، نيئي آڇِ  پِرِيَنِ کي،

سَتَرِ کاڌا کيڻَ، جـُ  ڏٺو  مُنهُن  محبوُب  جو.

اِهائي  پرارٿنا  شاه  صاحب ٻين اَکرن  ۾  بـ  چئي آهي:

ناِسيندي نگاه،  يهرين ڪِج پِرِيَن  ڏي.

جڏهن   شاه  صاحب  پنهنجا  بيت  ٺاهيا،  تڏَهن  نڪي  دنيوي عاشق  خيال ۾  هئَس، نڪي سنڌي اَدب  جا شائق. هن  تـ  پنهنجي روحاني  ترقيءَ لاءِ، روهي  پيچرن تان پير ڇِلائيندي، پنهنجا  روزانا  تجربا ۽  ويچار، پنهنجي هنڊائڻ ڪاتر۽ اُن اَڙانگي سفر ۾ پنهنجن ساٿين  جي  رهنمائيءَ  لاءِ، اِنهن  بيتن جي  صورت  ۾  ٻڌايا  آهن.  جي شاه جي  رسالي کي  اَسين اِنساني پيار جي اُمنگن کي  تازو ڪرڻ  لاءِ،  يا  رڳو سنڌي  ٻولي سکڻ لاءِ، ڪم  ٿا  آڻيون، تـ  پوءِ سندس ڪلام  جو درجو ڪيرايون  ٿا.  سندس رسالو هڪ اُهو  روحاني  ۽  اَخلاقي چشمو آهي، جنهن مان  پِڪوُن، ڪي ڍُڪَ، اُهي پيئَن، جن کي آتمڪ اُساٽ هجي، جيڪي سنسار ۾  رهندي،  حق جي  واٽ  تي هاڻ  گھُرن،  جيڪي  وهنواري ـ عام ڪي  شخصي ـ زندگيءَ  جي جنگين ۾  مڙس  ٿي  لڙڻ  چاهين، جن کي دنيا  خوب  ڌوڏا لوڏا  ڏيندي  رهي  تـ  بـ  هو، ڳاٽ اُوچوـ پير سالم ، اِئين  بهڻ  جي  تمنا   رکن.

آڄ  گيتا جي سلوڪ سلوڪ تي مهاتما  گانڌي،  وِنوبا ڀاوي، ۽ کانئن اَڳ اَنيڪ ڄاڻن ۽ ودوانن  جون  آتمڪ  نقطه  نظر کان  ٽيڪائون  ڪيل آهن. اُهي  ٽيڪا  ڪيل  گيتائون  لَکَن جو جيون آڌار آهن.  شل اُهو ڏينهن جلد  اَچي،  جڏهن شاه  صاحب جي  چونڊ  ڪلام  جي  هڪ هڪ بيت تي ڪي سُگُهڙ ڄاڻوُ،  زندگيءَ  مان  مثال وٺي، روحاني شرح   لکن!  اَهڙا  ننڍا  رسالا   لکن  جي سوُنهَپَ  ڪندا ايندا،  تـ   تڪليفن  جي  طوُفان  وسندي،  من  جي خوشي ۽ صبر جي نعمت ڪيئَن  هٿ  ڪجي.

شاه عبداللطيف  پنهنجي روحاني ڪلام کي سنڌي زبان جو ويس پهرايو. جا  ٻولي،  سندس  زماني  ۾، ماڻهن جي  چپن  تي  چالو هئي،  سائي جهٽي  پنهنجن  بيتن  لاءِ  ڪتب  آندائين.  ننڍا،  مٺا،  سڌا،  سوُڌا، تز اَکر،  جن مان معنيٰ  پاڻيهي  پيئي  ٻهڪي، اُهي  ئي   رسالي ۾   موتين  جي  مالها  وانگر  پوُتا  اَٿس. منهنجي ڄاڻ  گھڻي  نـ  آهي،  پر جيڪا اَٿم،  تنهن  مان تـ  اِهو رايو ٺاهيو اَٿم تـ هندستان،  ڪي پاڪستان،  جي  برک  شاعرن  مان  ڪي  ڇڊا  اَهڙا  آهن،  جن پنهنجي  ٻوليءَ  کي، ٻالڪ جي ڪچڙي  وار  جيان، اِئين  ورايو هجي، جئَن شاه صاحب ورايو آهي. سندس  ٻوليءَ  ۾  ٻل آهي.  ڪري  چئجي  تـ   سنڌي   ٻوليءَ   کي   ئي  مُلايُم  ۽  ٻلوان  بڻايو  اَٿس.  تجنيس  ۾  تـ   سندس  مٽ  ٻنهي ملڪن  ۾  ڪو  ورلو ملندو.

سترهين اَرڙهين  صديءَ  جي لوڪ  ڀاشا، عام خلق جي زنده ٻوليءَ، جو اَملهـ  ورثو شاه اَسان  لاءِ  ڇڏي  ويو  آهي. سندس  رسالي  جي آڌار تي  ئي،  سنڌي  ٻوليءَ   جي  صورت  ۽ نسل نسبت  ٻولين  جا  اَڪشر ماهر ڪڇ  چئي لکي سگھيا  آهن. سنڌي نحو صرف (وِياڪرڻ) جي صورت  بـ، گھڻي  ڀاڱي،  شاه  جي  رسالي  جي  وسيلي  چٽي  ويئي آهي.  سنڌي  ٻوليءَ  جي تاريخ لاءِ پڻ  شاه جو رسالو هڪ خزانو آهي. اِن ڪري، سچ  پچ  تـ  شاه  جي  هٿن جي،  هيرن  جواهرن  جي  جَڙت  کي ’سڌاري‘،  ٻئي ڪنهِن  چالو  ڊَول  پٽاندر،   نئين  سر گھڙڻ  نـ  جڳائي.  رسالي جا ”ماڻڪ، موتي، لال“ جئَن گھڙي جڙي ڏنا اَٿس، تئَن ئي قبول ڪرڻ گھرجيئون.  سنڌي ٻوليءَ جي  وگيانڪ اَڀياس  لاءِ  سندس  اِتهاس جي  پوري ڪهاڻي  لکڻ  ڪاتر بـ  اِهو بلڪل ضروري  آهي.

ٻوليءَ جي نقطه نظر کان، شاه جي رسالي جي اَڃا  بـ  اُونهي کوج  ٿيڻ  گھر  جي. ڪئپٽن سٽئَڪ،  ڊاڪٽر ترنف (Dr. Trumpp)، هو تچند مولچند  گربخشاڻي،  ڀيرومل مهر چند، محمد  صديق ميمڻ  ۽  ٻين، شاه  جي  رسالي مان چڱوئي مال هٿ  ڪري،  سنڌي   ٻوليءَ  نسبت گھڻوئي لکيو آهي.  پر اَڄوڪن  وگيانڪ  نيمن  سان کوج ڪرڻ  ۾  اَڃا  گھڻو ڪم پيو آهي.  اِها  سنڌيءَ  لاءِ  فخر جي ڳالهـ آهي تـ، گڏيل هندستان جي سڀني ٻولين ۾، پهريائين، پهريائين سنڌي ٻوليءَ جي ئي وگيانڪ صورت  چٽي ويئي. 1872 ۾ ڊاڪٽر ترنف، هڪ جرمن، اِهو ڪشالي جوڪم ڪيو.  پر اُهو زمانو ٻيو هو. اَڄ  ٻولين جي وگيان (Science of Linguistics) گھڻيئي  وکون  وڌايون  آهن.  دل  جي  اِها  چاهنا  اَٿم  تـ  هندستان  ۽  پاڪستان  ۾   سنڌي  ٻوليءَ جاڪي نـ ڪي ماهر ميدان ۾ نڪرن، جي نون  وگيانڪ اُصولن  پٽاندر،  سنڌي ٻوليءَ  جي باريڪ صورت چٽين، جئَن اَڄڪلهـ ٻين  ٻولين جي چٽجي  پيئي، ۽ سنڌيءَ جي سموري اِتهاس تي مڪمل روشني  وجهن، جئَن سندس سچو نسل کلي ظاهر ٿئي ۽ ڪڇ، مڪران، رجسٿان  ڏي سندس  وڌڻ  ويجهڻ  نسبت  پوري  ڄاڻ  پوي. 

پڪ اَٿم  تـ  هندستان  توڙي  پاڪستان  ۾ پنهنجين پنهنجين حالتن پٽاندر، سنڌيءَ  جو آئيندو  روشن  رهڻ  وارو  آهي.   پر اِهو تڏهن، جڏهن سنڌي  پاڻ،  پنهنجي   زبان  ۽  قلم  وسيلي،   سنڌي  ٻاليءَ   کي  جيئَرو  رکندا  ايندا  ۽  ٻيو جڏهن سنڌي  پنهپجا  نج  سنڌي اَکر  ڇڏي،  سنڌيءَ  جو جماو جماو، هڪ پاسي  پارسي  ۽  ٻئَي پاسي سنسڪرت اَکرن  سان  نـ  ڀريندا  ويندا.  جي  اِئين  ٿيڻ  ڏنوسين  تـ  پوءِ  سنڌي  سنڌي  نـ   رهندي،  پر  ٻي  ڪا  گڊِي  ٻولي ٿيندي  ويندي،  جا عام  خلق  نـ   سڃاڻندي،   نـ   سمجهندي،  نڪي  ڪتب  آڻيندي.   جيڪي شاه  جي  رسالي جا  ۽  ٻيا  نج  سنڌي اَکر اَڄ  بـ  ڳوٺاڻي عام  خلق جي چپن  تي زنده آهن، سي اَسين اَدبي لکتن ۾ چالو ڪندا اَچون.  ٻين  ٻولين  مان  تـ  ضرور  اَکر  جهٽينداسين ـ  اِهو  ٻولين جي  وڪاس جو نيم آهي.  پر اُن  جي  بـ  مناسب  حد آهي.  اُها  حد هوند  نـ  لتاڙيون، ۽  شاه  جي  رسالي  جي  سنڌيءَ  کي،  گھڻي  ڀاڱي،  حيات  رکون!

جيسين سنڌي  ٻولي  آهي  ۽  سنڌي  آهن،  جيسين  کين  روحاني  پياس  آهي ۽ اِنساني  جذ با آهن،  جيسين سندن  سامهون، جيون جي اَوکي  رِڻ  ڀوُنءِ  آهي، تيسين  شاه  جو رسالو آهي. هي رسالو اَسانجن روحاني، اَخلا قي، دنيوي، راڄنيتي ۽  سماجڪ،  سڀني مسئان  لاءِ  سکيا  جو ساگر آهي  ۽  رهندو.

سي پوُ ڄارا پُر ٿيا، سَمُنڊُ سيوِ ئو جَنِ،

آندائوُن عمِيقَ مان، جوُتي جَواهَرَنِ،

لڌائوُن، لطيفُ  چَئي، لالوُن  مان  لَهَرِنِ،

ڪانهي  قِيمَتَ  تَنِ، مُلھُـ  مَهانگو  اُنِ  جو.

 

دهلي، 22 جولاءِ 1958                            

    جئرامداس دولترام  

The above is a regeneration effort. Notice as to copyright infringement of any kind is welcomed. Thanks

Comments